اسلام آباد (عمران شفقت) گذريل رات عمران خان ھڪ مايوسي جوڳو ٽوئٽ ڪيو آھي جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تھ ھو سسٽم مان سياستدانن ۽ فوج مان توڙي ڳالھين مان ڪيترو مايوس ٿي ويو آھي ٽوئٽ ۾ ھن جنرل عاصم منير جو بھ نالو کنيو آھي. ٽوئٽن ھن چار مارشلائن جو ذڪر ڪيوآھي تھ يحيٰ ۽ ضيا جا مارشل لا دور خوفناڪ هئا جڏھن تھ مشرف جو لبرل قسم جي مارشل لا هئي، پرهن ايوب جي مارشل لا جي ڳالھ ناھي ڪئي. پاڪستان اندر جيڪي بھ دانشور قسم جا ماڻھو آھن انھن کي ايوب جي مارشل لا وڏي پسند ايندي آھي جيتوڻيڪ ايوب پاڪستان ٽوڙڻ جو بنياد رکيو هن وقت عمران خان سياڻپ ڪرڻ گھري ٿو تھ ھن جي ڊيل بھ ٿئي ۽ ڪنھن کي خبر بھ نھ پوي. اڳلا چون ٿا تھ ڊيل ڪرڻي آھي تھ سياست کان پاسو ڪريو ۽ منھن بند رکو سو گنڊاپور بھ اھا سفارش کڻي ويو ھيو تھ ھن کي بني گالا ۾ ئي رکو.