صائم ايوب جي انجري، اهم اڳڀرائي ٿي وئي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽر صائم ايوب علاج لاءِ ڪيپ ٽائون کان لنڊن روانو ٿي ويو.
اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود به صائم ايوب سان گڏ لنڊن ويو آهي، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي هدايت تي انگلينڊ جا ماهر اسپورٽس آرٿو ڊاڪٽرز سڀاڻي صائم ايوب جو چيڪ اپ ڪندا.
محسن نقوي چيو ته صائم ايوب پاڪستان ڪرڪيٽ جو قيمتي اثاثو آهي، سندس علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪيا ويندا، صائم جي مڪمل صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.
واضح رهي ته صائم ايوب انجري سبب 6 هفتن لاءِ ڪرڪيٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، هو ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.