لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي تي نيب ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ ڪڪ بيڪس وٺڻ جي معاملي تي داخل نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ پرويز الاهي پيشي لاءِ عدالت پهتو ۽ عدالتي عملي ان جي حاضري گاڏي ۾ وڃي مڪمل ڪئي.
عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير تي نيب ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن تي هن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو.
Next Post
You might also like