ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ سکر – حيدرآباد روڊ جي زبون حالي تي وفاقي حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تي تنقيد ڪندي حادثن جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد کان سکر جو روڊ پاڪستان جو سڀ کان خراب روڊ آهي، اهو روڊ سنڌ حڪومت وٽ ناهي، وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي آهي، جنهن سبب اڄ تائين روڊ ناهن ٺهي سگهيا.
هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو سنڌ سان تعصباڻو رويو آهي، سنڌ جا سمورا هاءِ ويز ۽ موٽر ويز ٽٽل آهن پر وفاق انهن جي مرمت ۽ بحالي تي ڪو ڌيان نه پيو ڏئي، اهي روڊ وڏي پيماني تي جاني نقصان جو سبب بڻجي رهيا آهن پر وفاق روڊ بحال ڪرڻ بدران ٽيڪسن ۾ واڌ ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جا جيڪي روڊ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وٽ آهن، انهن جي بري حالت آهي، وفاق ٽيڪس وٺي پر سهولت نه ڏئي، وفاق ورهين کان روڊ ناهن ٺاهيا پر روز نئون ٽول قائم ڪيو پيو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهو روڊ رڳو سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جا ماڻهو استعمال ڪندا آهن، وفاقي حڪومت تي لازمي آهي ته ان لاءِ پيسا مختص ڪري.
You might also like