لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ لاءِ ڊرافٽنگ جي تاريخ ۽ وينيو کي تبديل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پي ايس ايل 10 جي ڊرافٽنگ هاڻ 11 بدران 13 جنوري تي لاهور ۾ ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ڊرافٽنگ جي وينيو جي تبديلي لاجسٽڪ مسئلن سبب ڪئي وئي.
ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پليئر ڊرافٽنگ گوادر ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.
You might also like