لاهور (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۽ چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊن تي سليڪشن ڪميشن شروعاتي مشاورت مڪمل ڪري ورتي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي منظوري کانپوءِ قومي اسڪواڊن جو اعلان ڇنڇر جي شام تائين ڪيو ويندو.
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اعلانيل اسڪواڊ 8 فيبروري کان شروع ٿيندڙ ٽي ملڪي ون ڊي سيريز جي به نمائندگي ڪندو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جا نالا 11 فيبروري جي رات 12 وڳي کان اڳ موڪلڻ ضروري آهن، 15 رڪني اسڪواڊ سان ريزور رانديگرن جي چونڊ به ڪري سگهجي ٿي.
آءِ سي سي رولز تحت 12 فيبروري کان اڳ ڪنهن به وقت ڪنهن به رانديگر کي تبديل ڪري سگهجي ٿو پر ان کانپوءِ رڳو ميڊيڪل سببن جي بنياد تي اسڪواڊ ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي.
هوڏانهن ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ سينيئر رانديگرن کي ريسٽ ڪرائي نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جي تجويز آهي، جنهن جو مقصد چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ اهم رانديگرن کي ريسٽ ڪرائڻ آهي.
Prev Post
You might also like