ڀارت ۾ هڪ عورت پنهنجي مڙس ۽ 6 ٻارن کي ڇڏي پينو سان ڀڄي وئي.
اهو حيرت جوڳو واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيش آيو، جتي راجو نالي شهري پنهنجي 36 ورهين جي گهرواري مبينا طور پينو سان ڀڄي وڃڻ خلاف پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن کانپوءِ پوليس ڪيس داخل ڪري ٻنهي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب 45 ورهين جي راجو چيو ته هو هرپال پور جي علائقي ۾ پنهنجي گهرواري راجيشوري ۽ 6 ٻارن سان گڏ رهندو آهي، 45 ورهين جو ننها پنڊت نالي شخص ڪڏهن ڪڏهن پاڙي ۾ پنڻ ايندو هو ۽ منهنجي زال سان ڳالهائيندو هو، پوءِ ٻنهي جو فون تي رابطو شروع ٿي ويو.
متاثر شخص چيو ته 3 جنوري تي منهنجي زال ڌيءَ خوشبو کي ٻڌايو ته هوءَ ڪپڙا ۽ سبزي وٺڻ بازار وڃي رهي آهي، جنهن کانپوءِ هوءَ واپس نه آئي ته مان سندس ڳولا ڪئي پر نه لڌي.
راجو موجب منهنجي گهرواري ڀڄي وئي آهي، مان هڪ مينهن کپائي جيڪا رقم حاصل ڪئي هئي، هوءَ اها به کڻي وئي آهي، مون کي شڪ آهي ته پينو ان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي.
ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته عورت ۽ پينو جي ڳولا جاري آهي.
Next Post
You might also like