بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي ضلعي تبت ۾ اڱاري جي صبح 7.1 شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 95 ڄڻا فوت ۽ 130 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب تبت جي پاڙيسري ملڪ نيپال جي تخت گاهه کٽمنڊو ۽ ڀارت جي ڪجهه حصن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته توڙي جو ان خطي ۾ زلزلا عام آهن پر اڱاري تي ايندڙ زلزلو گذريل 5 سالن ۾ 200 ڪلو ميٽر جي دائري ۾ رڪارڊ ڪيو ويندڙ سڀ کان طاقتور زلزلو هو.
You might also like