2025 جو پهريون قتل، قاتل عمري جي ٽڪيٽ عيوض واردات ڪئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڪرائي جي قاتل عمري جي ٽڪيٽن عيوض شهري کي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب لاهور ۾ 2025 جو پهريون قتل ڪرائي جي قاتل ڪيو، جنهن جو معاوضو ٻه عمري جون ٽڪيٽون هو.
پوليس ٻڌايو ته جنوري جنوري تي سبزا زار جي علائقي ۾ شهري رياض قتل ٿيو، جنهن ۾ ملوث شوٽر عثمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب رياض کي امتياز ملڪيت جي تڪرار تي قتل ڪرايو، امتياز شوٽر کي ٻه عمري جون ٽڪيٽون ڏنيون، موٽر سائيڪل ۽ 30 هزار رپيا ڏيڻ جو به واعدو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.