ڇا مستقبل ۾ موبائل سگنلز لاءِ روايتي ٽاور جي ضرورت نه رهندي؟

تازو ايلون مسڪ جي ٽيڪنالاجي ڪمپني ”اسپيس ايڪس“ پنهنجي انقلابي ”ڊائريڪٽ ٽو سيل سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشنز“ ٽيڪنالاجي جي شروعات جو اعلان ڪيو آهي.
ان ٽيڪنالاجي جي شروعات کانپوءِ موبائل فون سگنلز لاءِ استعمال ٿيندڙ روايتي ٽاور جو استعمال ختم ٿي ويندو.
هڪ رپورٽ موجب اها ٽيڪنالاجي حقيقت ۾ موبائل فونز کي سيٽلائيٽ سان سڌي ريت ڪنيڪشن جي سهولت فراهم ڪندي.
اها ٽيڪنالاجي موبائل فون سگنلز فراهم ڪندڙ روايتي ٽاورز کي باءِ پاس ڪندي انهن علائقن ۾ به موبائل فون ڪنيڪٽويٽي فراهم ڪندي، جتي روايتي ٽاور سگنلز جي ڪوريج ناهن ڪري سگهندا.
ان ٽيڪنالاجي جي لانج سان ”اسٽار لنڪ“ ٽيم اهو به اعلان ڪيو ته ڪيتريون ئي وڏيون ٽيلي ڪام ڪمپينون ان منصوبي ۾ سهڪار ڪري رهيون آهن.
ايلون مسڪ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي هڪ پوسٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي شيئر ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.