اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، پ پ حڪومتي پاليسين تي کليل تنقيد جو فيصلو ڪندي اڳواڻن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
ذريعن موجب پ پ قيادت اڳواڻن کي حڪومتي پاليسين تي تنقيد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته اڳتي حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ڪئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ قيادت پارٽي اڳواڻن کي هدايتون ڏنيون آهن ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي غلط پاليسين تي کليل نموني تنقيد ڪئي وڃي.
ذريعن موجب پ پ اڳواڻ پارٽي قيادت کي حڪومتي پاليسين تي خدشن کان آگاهه ڪيو هو ۽ مشورو ڏنو هو ته حڪومتي پاليسين تي خاموشي حمايت جهڙي آهي، تنهن ڪري تنقيد ڪئي وڃي.
پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين تي خاموشي سياسي طور نقصانڪار آهي، حڪومت جي غلط ڪمن، ناقص پاليسين جو ملبو پ پ تي ڪرندو، پ پ ڪنهن به غلط ڪم جو ملبو پاڻ تي ڪِرڻ نه ڏيندي.
You might also like