ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽي وي جي مشهور اداڪار مسڪان نينسي پنهنجي نڻان هنسيڪا موٽواڻي، سس ۽ مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مسڪان نينسي ۽ اداڪارا هنسيڪا موٽواڻي جي ڀاءَ جي 2020ع ۾ شادي ٿي هئي پر ٻن سالن بعد ئي ٻئي هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا هئا.
هاڻي اداڪارا مسڪان نينسي ممبئي جي امبولي پوليس ٿاڻي ۾ مڙس، سس ۽ نڻان هنسيڪا موٽواڻي خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي.
ڪيس جي متن موجب، شادي کانپوءِ سس ۽ نڻان زندگيءَ ۾ مداخلت شروع ڪئي جنهن سبب مڙس به تشدد جو نشانو بڻائيندو هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ان کانسواءِ سس ۽ نڻان مهانگن تحفن ۽ پئسن جي ڊمانڊ ڪنديون هيون ۽ مطالبا پورا نه ڪرڻ تي تنگ ڪيو ويندو هو، ان دوران ڊپريشن ۽ اڌ رنگ جو شڪار ٿي ويس.
پوليس ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته مسڪان نينسي جميز ڀارتي ٽي وي جي ناليواري اداڪارا ۽ ڪيئي سپر هٽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهري ڏيکاري چڪي آهي .
هنسيڪا موٽواڻي به ٽي وي ۽ فلمن جو ڄاتل سڃاتل چهرو آهي، 2001 ۾ ڊرامن ۽ 2003 ۾ فلمن ۾ چائلڊ اداڪارا طور ڪيريئر شروع ڪيو، هن 2007 ۾ هميش رشميا جي پهرين فلم ” آپ ڪا سرور “ ذريعي هيروئن طور بالي ووڊ ۾ قدم رکيو.
You might also like