اوٻاوڙو مان اغوا ٿيل مغوين جي وارثن کان ڀنگ طلب، زنجيرن ۾ جڪڙيل وڊيو به وائرل

اوٻاوڙو ( رپورٽ:  عبدالحئي ڇڄڻ  ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ لانگهو ۾ پٽرول پمپ تان 13 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويلن 3  ٽن مغوين شعبان پنهور، ارباب ملڪ ۽ مبين چاچڙ کي اوٻاوڙو پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي  ڏوهارين پاران زنجيرن ۾ جڪڙي تشدد ڪندي  50۔ 50 لک في مغوي کان ڀنگ وٺڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وا ئرل ڪري ڇڏي جتي ويڊيو ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو  زنجيرن ۾ جڪڙيل مغوين کي هٿيارن جي زور تي وارثن ڏانهن ڀنگ لاءِ بيان ڏياريو پيو وڃي مغوي وڊيو ۾ وارثن کي التجائون  ڪري رھيا آھن  ته اوھان پوليس جي آسري تي اسان کي نه ڇڏيو  پنجاه پنجاه لک ڏئي اسان کي آزاد ڪرايو نه ته اسان کي قتل ڪري ڇڏيندا اسين وڏي تڪليف ۾ آھيون جيڪڏھن اسان جي زندگي اوھان پياري آھي ته ڀنگ جلدي ڏئي اسان جي جان بچايو اھڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوء وارث پريشان گھر ۾ روڄ راڙو متل آھي  ان موقعي تي وارث دانھون ڪندي  چيو ته اسين مسڪين آھيون مزدوري ڪري گھر جو گذر سفر ڪندا آھيون ڀنگ جي ايتري وڏي رقم ڪٿان ڏيون اسين ميڊيا ذريعي آئي جي سنڌ ۽ اعلي حڪام کان اپيل ٿا ڪريون ته مغوين کي جلد بازياب ڪرائي انھن جي جان بچائي اسان جي گھرن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.