عمرڪوٽ/ ڏاهلي (پ ر) عمرڪوٽ ضلعي جي 14 هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان ضلعي عمر ڪوٽ ۾ ڀرپور عوامي سجاڳي مهم، عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ مختيار خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو،تعلقي ڏاھلي جي سلاڻي ڳوٺ ۾ ادبي ثقافتي ۽ سائنسي پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام کي خطاب ڪندي لال جروار، مختيار خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سائنسي علم ۽ ادب ۽ ثقافت قومن جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تحت هوڙينگو، ڇور ٿر ۽ ٻانهياري ديهن جي ڳوٺاڻن کي بي دخل ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ جو ڪنھن به سرڪار کي اختيار ناهي. سنڌ جون زمينون سنڌي عوام جي ملڪيت آهن، خالي پيل زمينون ڪنهن ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ لاءِ نٿيون ڏئي سگهجن، گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان وڌيڪ عوام دشمن قبضاگير ڪمپني بڻجي چڪي آهي. سنڌ کي ڪمپني سرڪار حوالي ڪرڻ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جو سودو ڪيو آهي، بلاول_شهباز اتحادي سرڪار سنڌين کان سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي ڦري سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي،هنن چيو ته عالمي سامراجي قوتون ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ ۾ نئون اسرائيل قائم ڪري رهيون آهن، سنڌ جي عوام کي منظم ٿي پر امن جمهوري جدوجهد وسيلي پنهنجي ڌرتي ۽ درياهه جو تحفظ ڪرڻو آهي. اڳواڻن چيو ته 5 جنوري تي سم سور هڏي کان ڊگهڙي تائين 10 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويندو، مختلف علائقن ۾ مچ ڪچهريون منعقد ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف ڀرپور عوامي سجاڳي مهم هلائي ويندي ۽ 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي.