زرعي انقلاب لاءِ 52 هزار ايڪڙ زمين ڏني،مقامي ماڻهو بي دخل نه ٿيندا:مراد علي شاهه

ڪراچي/ملير (رپورٽ:ذوالفقار راڄپر+جميل چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 2011 ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ۾ 1185 بسترا ۽ 2339 ملازم هئا ۽ حڪومت 2024 تائين بسترن جي گنجائش وڌائي 2208 تائين کڻي وئي پر ملازمن جو انگ گهٽجي 1498 تائين رهجي ويو. وڌيڪ اهو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي ڪم ڪرڻ  کان روڪيو ويو آهي جنهن سبب ملڪ جي سڀ کان وڏي اسپتال کي وڏا چئلينج درپيش آهن،سومر تائين مسئلو حل نه ٿيو ته جناح اسپتال جو سربراهه مقرر ڪري توهين عدالت ڪندس وڏي وزير چيو ته مفت علاج سڀني شهرين جو بنيادي حق آهي تنهن هوندي 2025ع ۾ نيون عارضي نوڪريون نه ملڻ سان لکين شهري ان حق کان محروم آهن. 19 ملازمن تي ٻڌل عدالتي اسٽي آرڊر سبب 2025 ڄڻا روزگار جي بنيادي حق کان محروم ٿي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ اوورسائيٽ ڪميٽي (OSC) کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اسپتالون موثر طريقي سان ڪم ڪن ته جيئن ڪوبه فرد يا گروهه مريضن جي بنيادي حقن ۾ مداخلت نه ڪري. هن وڌيڪ چيو ته چيلينجن کي نظر ۾ رکندي هنن ٻنهي اسپتالن جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH) کي اوورسائيٽ ڪميٽي ذريعي منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن پنهنجي قانوني ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي بحال ڪري ته جيئن ملڪ جي سڀ کان وڏي اسپتال عوام لاءِ صحيح نموني ڪم ڪري سگهي. اهو فيصلو ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ او ايس سي جي پهرين اجلاس دوران ڪيو ويو جنهن ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايم پي اي سليم بلوچ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، سائبر نائف جو چيف پروفيسر طارق محمود، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغير، اين آئي سي ايچ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر نصير سليم صدال ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ لاءِ او ايس سي کي اختيار ڏنو ويو آهي ته 8 آگسٽ 2023ع کان 7 آگسٽ 2048ع تائين 25 سالن جي عرصي تائين هو انهن اسپتالن سان لاڳاپيل سمورا فيصلا وٺي جيستائين وفاقي حڪومت انتظامي ۽ آپريشنل ڪنٽرول سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪري. او ايس سي ڪميٽي مريضن لاءِ معياري طبي سهولتون ۽ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٽيڪنيشين جي تعليم ۽ تربيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ انساني وسيلن سميت سڀني شعبن جي منصوبابندي ۽ انتظام ڪرڻ جي ذميوار آهي. جي پي ايم سي جي پروفيسر طارق محمود ڪميٽي کي 30 جون 2011 تي وفاقي حڪومت پاران ملازمت جي منتقلي کان اڳ جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ وچ ۾ ٿيل 25 سالن جي آپريٽنگ ۽ انتظامي معاهدي جي پلان/پاليسي بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير چيو ته جي پي ايم سي جا ڪجهه مستقل ملازم جيڪي پاڻ کي وفاقي حڪومت جا مستقل ملازم سمجهن ٿا، انهن ڪوڙا ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪيا آهن جنهن سبب عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان مريضن کي پريشاني ٿي رهي آهي. جي پي ايم سي ۾ عملي جي کوٽ لاءِ 2011 ۾ 2339 ملازمن سان گڏ 1185 بسترن جي گنجائش هئي. 2024 تائين 2208 بسترن جي گنجائش وڌائي وئي آهي پر ملازمن جو تعداد 1498 ٿي ويو آهي فقط 509 ميڊيڪل اسٽاف ۽ 37 مستقل ايف سي پي ايس ڊاڪٽر رهجي ويا آهن. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو وڏي وزير کي ٻڌايو ته اهي طبي ادارا 25 سالن جي آپريشنل ڪانٽريڪٽ تحت آهن تنهنڪري صوبائي حڪومت ريٽائرمينٽ سبب خالي ٿيل پوسٽن تي مستقل ملازمت نٿي ڏئي سگهي، هوڏانهن ڪالهه ريسڪيو 1122، ھاءِ وي اسٽيشن جو دورو ڪيو . ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب به گڏ هئا، وڏي وزير ريسڪيو 1122 هاءِ وي اسٽيشن جي ربن ڪٽي افتتاح ڪيو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ اڪيلو صوبو آهي جنهن گهوٽڪي کان ڪراچي تائين ريسڪيو 1122 شروع ڪيو آهي، 836 ڪلوميٽرن جي 144 روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو تھ ريسڪيو 1122 جو افتتاح ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا ٿورائتا آهيون، سنڌ حڪومت تي غير ضروري تنقيد آهي ته اها ڪم نه ڪري رهي آهي، وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جا مسئلا وڏي حد تائين حل ڪري ڇڏيا آهن،ڪنهن به علائقي ۾ حددخليون قابل قبول ناهن،هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جي جدوجهد جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي اسان سنڌ کي محفوظ مضبوط ۽ خوشحال بنائڻ جي لاءِ ڪوشان آهيون، اهو قدم پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن جي مطابق آهي، مون کي فخر آهي ته مان سنڌ ايمرجنسي سروس ريسڪيو 1122 جي هاءِ وي ريسڪيو آپريشن جو افتتاح ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو 1122 اسان جي عالمي معيار جي ايمرجنسي خدمتون فراهم ڪرڻ جو بهترين قدم آهي، سنڌ ايمرجنسي سروس ريسڪيو 1122 جو 2022ع ۾ جديد ترين سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو ڪراچي ۾ افتتاح ڪيو هو، اڄ اسان ريسڪيو 1122 جي سيٽلائيٽ اسٽيشنن جو ڪامياب آغاز ڪري رهيا آهيون جيڪي نه صرف وڏي شاهراهن ۽ موٽرويز جي دائريڪار ۾ هنگامي حالتن جي خدمتون سرانجام ڏيندا بلڪه ويجهو ضلعن ۽ ڪميونٽيز کي به سهارو فراهم ڪندا، هن چيو ته ريسڪيو 1122 سنڌ ۾ ايمرجنسي خدمتن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان هي منصوبو شروع ڪيو ويو هو ۽ هاڻ اهو مڪمل طور تي سنڌ حڪومت جي بحالي واري کاتي جي تحت ڪم ڪري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جو حتمي مقصد ان خدمت کي تعلقي سطح تائين پهچائڻو آهي هر شهر چاهي اهو ڪٿي به رهندو هجي ايمرجنسي خدمتن تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا، هن چيو ته مان هر شهر کي دعوت ڏيان ٿو ته هن اجتماعي ڪاميابي تي فخر ڪن،هن چيو ته گرين انيشيئيٽو تحت 52 هزار ايڪڙ زمين ڏني آهي،ان ۾ طريقيڪار اهو آهي ته جيڪڏهن اتي ڪو ويٺل آهي ته ان کي بي دخل نه ڪيو ويندو،پاڻي جو انتظام اهي پاڻ ڪندا،اها غيرآباد زمين آهي،سنڌ حڪومت پاڻ به پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِٰ قدم کڻي رهي آهي،هن چيو ته ڪراچي شهر جا مسئلا گهڻي ڀاڱي حل ڪيا آهن،شهر جا مسئلا اسان جا پيدا ڪيل ناهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.