ملير بار پاران عمرڪوٽ جي زمين ڪمپنين کي ڏيڻ جي مخالفت

ملير (ڊ ر) ملير بار جو هنگامي اجلاس صدر ارشاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ عمرڪوٽ  جي 18 هزار ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف ٺهراءَ پاس ڪيو ويو، بار اڳواڻن چيو ته ٿر جي مقامي ماڻهن جون زمينون ترقي جي نالي تي من پسند ماڻهن کي الاٽ ڪيون پيون وڃن جيڪا مقامي ماڻهن سان زيادتي آهي، ٿر جي ماڻهن کي پاڻي ۽ زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران سندن زمينون کسڻ جي عمل جي مذمت ڪيون ٿا، ملير بار نه رڳو اهڙي عمل جي مذمت ڪري ٿي ۽ حڪومت کان اهڙو فيصلو فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.