زرعي ترقي جي نالي تي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين:اياز لطيف

ڪراچي(رپورٽر+پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ۾ جشن لطيف جي  جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته  شاھ لطيف جي سنڌو درياھ، ڌرتي  ۽ وسيلن تي قبضي جي خلاف  مزاحمت ڪنداسين. لطيف فڪري رھبر آھي، لطيف جدوجھد ۽ مقابلي جو پيغام ڏنو آھي، شاھ لطيف انقلاب، حب الوطني ۽ مزدورن جي عظمت کي اجاگر ڪيو شاھ لطيف امن ۽ ڀائيچاري جو جيڪو پيغام ڏنو هو ان تي قائم آهيون ،هن چيو ته  لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي، اڄ سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪيو پيو وڃي شاھ لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو، هن چيو ته  ڪراچي! اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھين تو کان سواءِ سنڌ جو تصور ڪونهي تون سنڌ جي ڳچي ۽ ڳچي جو نو لکو ھار آھين. ڪراچي کي دنيا جو خوبصورت ۽ پرامن شھر بنائڻو آهي هن چيو ته  پاڪ سمورن نعمتن سان سنڌ کي نوازيو آهي. پر سنڌ جي ماڻهن کي الاھي ڪھڙي سزا ڏني وئي آهي، يا پنھنجن ابن، ڏاڏن کان ڪو اھڙو پاپ ٿيو هو جو اسان جي مٿي ۾ آصف علي زرداري لڳو آهي جنهن شاھوڪار سنڌ کي لٽي ڦري تباھ ڪري پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته  سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جو مستقبل سنڌو درياھ سان آھي. سنڌ جي ماڻھن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي رھيو آھي، اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو ۽ اسان جا ڀائر آھن. ڪئنال ٺھيا ته ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي نه ملندو،هن چيو ته  زرعي ترقي جي نالي ۾ سنڌي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍي پئي وڃي، ڪشمور، گھوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ قمبر شھدادڪوٽ ۾ عورتون ۽ نياڻيون غير محفوظ آھن. آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جا ماڻھن پڇن ٿا ته ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون،هن چيو ته  سي سي آئي ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي. چار ميمبر پنجاب جا آھن. ڪوٽڙي، ڊائون اسٽريم کي پاڻي نه پيو ملي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين کائي ويو آھي. ڏيڍ سئو سالن کان پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن، چولستان ڪئنال ٺھيو ته سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي،هن چيو ته  پريا ڪماري، نصرالله گڏاڻي، جان محمد مھر ۽ فاطمه ڦرڙو سان انصاف ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي عوام دوستي، سنڌ دوستي، اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌو درياھ، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو ۽ ڪرپشن جو راڄ قائم ڪري ھر کاتي جي ڪارڪردگي عوام دشمن بنائي ڇڏي آھي.هن چيو ته  سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ آھي، ٻھراڙيون پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن، سنڌ ۾ غير ملڪي ماڻھن جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جون شڪايتون ٻڌن ۽ ازالو ڪن. نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بنيل آھن. هن چيو ته  سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي. عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاءِ مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا. حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشه رڪاوٽون وڌيون ويون آهن. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.