ڪراچي: نئين انٽر بورڊ چيئرمين نتيجن بابت شاگردن جي شڪايتن تي وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي انٽر بورڊ جي نئين چيئرمين شرف علي شاهه 2024 ۾ فرسٽ ايئر جي سالياني امتحانن جي نتيجن تي شاگردن طرفان اٿاريل خدشن تي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ انٽرميڊئيٽ بورڊ ڪراچي طرفان تاريخ جي بدترين نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ حڪومت انٽر بورڊ جي چيئرمين پروفيسر امير حسين قادري کي عهدي تان هٽائيندي ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاهه کي واڌو چارج ڏني هئي.
انٽر بورڊ جي ترجمان موجب شرف علي شاهه عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سيڪيورٽي بورڊز سان ميٽنگ ڪئي ۽ شاگردن جي خدشن تي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو.
ترجمان ٻڌايو ته ڪميٽي جو مقصد نتيجن جي جاچ پڙتال ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي، ڪميٽي انڪوائري ڪري هڪ مهيني ۾ شاگردن جي شڪايتن جو ازالو ڪندي.
شيف علي شاهه موجب شاگردن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، والدين خدشا ۽ تجويزون انٽر بورڊ ۾ جمع ڪرائين، جيڪي شاگرد نتيجن مان مطمئن ناهن، اسڪروٽني فارم جلد جمع ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.