هونئن ته فائيو جي ٽيڪنالاجي به اڃا ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود ناهي پر ماهرين طرفان ايندڙ نسل جي موبائل انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي تي هاڻي کان ئي تيزي سان ڪم جاري آهي.
چين نومبر 2020 ۾ دنيا جو پهريون 6 جي سيٽلائيٽ زمين جي مدار ۾ موڪليو هو. هاڻي پنجن سالن کان پوءِ، چين 6 جي سيٽلائيٽ تان زمين ڏانهن 6 جي سيٽلائيٽ ٽرانسمشن موڪلي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.
چين جي ايئرواسپيس ڪمپني چينگ گوانگ سيٽلائيٽ ٽيڪنالوجي (co) دعويٰ ڪئي آهي ته هنن گذريل هفتي 6 جي جي آزمائشي دوران سئو جي بي في سيڪنڊ اميج ٽرانسميشن ريٽ سان ڊيٽا موڪلي آهي. اها اڳين رڪارڊ کان 10 ڀيرا وڌيڪ رفتار آهي.
ان ڪمپني جا جيلين ون نالي سيٽلائيٽ جو نيٽورڪ زمين جي مدار ۾ موجود آهي، جنهن ذريعي اهو ڪم ممڪن بڻايو ويو.
ڪمپني جي ليزر ڪميونيڪيشن سيڪٽر جي سربراهه وانگ هنگ هنگ ٻڌايو آهي ته 100 جي بي ايس ٽرانسميشن اسپيڊ ذريعي توهان هڪ سيڪنڊ ۾ 10 مڪمل فلمن کي ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمپني 2025 ۾ ليزر ڪميونيڪيشن کي جيلين ون جي سڀني 117 سيٽلائيٽس جو حصو بڻائڻ جو ارادو رکندي آهي.
ياد رهي ته چين دنيا ۾ 6 جي ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائڻ وارو پهريون ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو. 5 جي ۽ 6 جي ۾ بنيادي فرق اليڪٽروميگنيٽڪ اسپيڪٽرم جي فريڪوئنسي بينڊن ۾ آهي. 5 جي سگنلز عام طور تي 6 گيگا هرٽز کان 40 گيگا هرٽز جي بينڊن ۾ منتقل ٿين ٿا، جڏهن ته 6 جي لاءِ 100 کان 300 گيگا هرٽز بينڊ سگنلز استعمال ڪيا ويندا.
جيئن ته 6 جي ٽيڪنالوجي لاءِ وڌيڪ طاقتور فريڪوئنسي بينڊن تي ڀاڙڻو پوندو ، ان لاءِ نئين انفرا اسٽرڪچر جي ضرورت پڻ پوندي. ان کان اڳ، سيپٽمبر 2024 ۾ چين ٽيليڪميونيڪيشن انجنيئرز طرفان ٽي اهم 6 جي ٽيڪنالوجي اسٽينڊرڊز انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين (آئي ٽي يو) ذريعي متعارف ڪرايا هئا. انهن اسٽينڊرڊز جو مقصد آئي ٽي يو جي 2030 فريم ورڪ جي منظرنامي کي بهتر بڻائڻ آهي.