ڀارتي بحريا جي نااهلي، پيراشوٽ وچڙڻ سبب ٻه آفيسر حادثي جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بحريا جي نااهلي کليل نموني سامهون اچي وئي، ٻه آفيسر پيراشوٽ پاڻ ۾ وچڙڻ سبب سمنڊ ۾ ڪِري پيا، جن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ڀارتي بحريا جي آپريشن تيارين جي دعوائن تي سوال اٿاري ڇڏيا.
ڀارتي بحريا ان وقت شرمندگي جو منهن ڏٺو، جڏهن وشاڪاپٽنم جي سمنڊ تي آپريسل تياري جي مظاهري جي ريهرسل دوران ٻه آفيسر پيراشوٽ ذريعي اوچائي کان هيٺ اچي رهيا هئا.
ان دوران پيراشوٽ پاڻ ۾ وچڙي پيا ۽ ٻئي آفيسر سمنڊ ۾ ڪِري پيا، اهو منظر ڏسي ٻيڙي انهن وٽ پهتي ۽ کين بچائي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.