”ڊاريڪٽر رات جو هوٽل ۾ گهرايو هو“:ناليواري اداڪارا جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري اداڪارا ۽ ڪاميڊين اپاسنا سنگهه فلم ڊاريڪٽر طرفان رات جو هوٽل ۾ گهرائڻ جي آڇ جو انڪشاف ڪيو آهي.

تازو ئي پوسٽ ۾ اپاسنا سنگهه ٻڌايو ته ڏکڻ فلم انڊسٽري جي ڊاريڪٽر انيل ڪپور سان فلم ۾ مونکي سائين ڪيو هو، مان ان جي آفيس ۾ سدائين پنهنجي ڀيڻ يا ماءُ سان گڏ ويندي هيس، هن اڪيلو آفيس اچڻ جو چيو هو، جيڪا ڳالهه مونکي سمجهه ۾ نه آئي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن رات جو ساڍي يارهين وڳي فون آئي ۽ هن چيو ته هوٽل تي اچ، ويهڪ آهي، مون چيو ته سَر ڪهاڻي سڀاڻي ٻڌي وٺندس، ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، جو اڄ ئي اچان، هاڻي ئي اچان، جنهن تي ڊاريڪٽر چيو ته تون سٽنگ جو مطلب نٿي سگمجهي؟

اداڪارا چيو ته مونکي اهو ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ صبح جو جيئن ئي آفيس ويس ته هن کي ٽي چار منٽ تائين پنجابي ۾ گاريون ڏيندي رهيس، رڙيون ڪندي رهيس، سڄي آفيس وارا ماڻهو مونکي ڏسندا ۽ ٻڌندا رهيا.

اداڪارا جو چوڻ هو ته ڊاريڪٽر کي گاريون ڏئي ٻاهر نڪتس، فوٽ پاٿ تي روئندي پئي وڃان ته مان سڀني کي ٻڌايو هو ته انيل ڪپور سان فلم ڪرڻ واري آهيان، اداڪار بڻبس.

هن ٻڌايو ته انکانپوءِ مان ست ڏينهن تائين ڪمري ۾ بند رهيس ۽ اهو سوچيندي رهيس ته ماڻهن کي ڇا چوندم، پوءِ گهرڀاتين مونکي مضبوط ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊاريڪٽر مونکي ميسج ڪيو ته تون نه ته ٻيا ماڻهو موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.