اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي سياسي فيصلن ۾ مداخلت سبب پارٽي جي سينئر قيادت پريشان آهي.
ذريعن موجب، بشريٰ بي بي خيبرپختونخوا ۾ ٿيندڙ مختلف ملاقاتن ۽ سياسي فيصلن ۾ شامل آهي، بشريٰ بي بي حڪومت سان ڳالهين واري عمل بابت به اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني کي گذريل هفتي اڳواڻن بشريٰ بي بي جي مداخلت بابت آگاهه پڻ ڪيو هو، جنهن تي پي ٽي آءِ باني بشريٰ بي بي کي سياسي فيصلن کان پري رهڻ جو چيو هو.
ذريعن موجب، بشريٰ بي بي جي پي ٽي آءِ باني جي حڪمن جي باوجود سياسي سرگرمين ۾ شرڪت تي پارٽي جي اڳواڻن کي ڳڻتي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻ پي ٽي آءِ باني سان ايندڙ ملاقات ۾ بشريٰ بي بي جي مداخلت تي ڳالهائيندا.
You might also like