هڪ ڊگهي تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته ورزش ڪرڻ ۽ متحرڪ رهڻ وارا ماڻهو دل جي بيمارين، شگر، ساهه ۾ تڪليف، سنڌن جي سور ۽ ڪينسر جهڙي مرض کان به محفوظ رهندا آهن.
طبي رسالي ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب آمريڪي ماهرن 2017 کان 2022 تائين هزارين ماڻهن تي تحقيق ڪئي ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ورزش ڪرڻ يا متحرڪ رهڻ سان ڪهڙا فائدا حاصل ٿين ٿا.
ماهرن آمريڪا سميت ٻين ملڪن جي 7 هزار ماڻهن کان آن لائن سوال ڪيا ته هو هفتي ۾ ڪيترا منٽ ورزش ڪندا آهن؟
ماهرن رضاڪارن کان اهو سوال به ڪيو ته جيڪڏهن اهي روايتي طور تي ڪا ورزش نٿا ڪن ته هو هفتي ۾ ڪيترا منٽ گهمندا ڦرندا آهن يا جسماني طور تي ڪيترو وقت متحرڪ رهندا آهن؟
ماهرن بعد ۾ 33 هزار اهڙن مريضن جي رڪارڊ جي ڊيٽا به ڏٺي، جن ورزش نه ڪئي هئي ۽ نه ئي متحرڪ رهندا هئا.
ماهرن متحرڪ رهڻ وارن ۽ ورزش ڪرڻ وارن ماڻهن جي صحت ڀيٽ انهن ماڻهن سان ڪيو، جن ورزش نه ڪئي هئي.
ماهرن دريافت ڪيو ته هفتي ۾ 150 منٽن تائين ورزش ڪرڻ وارا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ فائديمند رهندا آهن، اهي سنگين قسم جي بيمارين کان گهڻي عرصي تائين محفوظ رهي سگهن ٿا.
ماهرن چيو ته هفتي ۾ 150 منٽ يعني روزانو 20 منٽن تائين ورزش ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ دل جي بيمارين، شگر، سنڌن جي سور، اڌ رنگ، ايتري تائين جو ڪينسر ٿيڻ جا امڪان به وڏي پيماني تي گهٽجي وڃن ٿا.
ماهرن موجب ورزش ڪندڙن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 بيمارين جو خطرو گهڻي حد تائين گهٽجي وڃي ٿو.
اهڙي ريت نتيجن مان اهو به معلوم ٿيو ته ورزش بدران پنڌ هلڻ ۽ ٻين جسماني سرگرمين ۾ پاڻ کي متحرڪ رکڻ وارا ماڻهو پڻ ڪيترين بيمارين کان محفوظ رهندا آهن پر انهن ۾ ورزش ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ حفاظت جي شرح گهٽ هوندي آهي.
ماهرن چيو ته ورزش ڪرڻ سڀ کان بهتر آهي، جڏهن ته جسماني طور تي متحرڪ رهڻ ٻيو بهترين آپشن آهي ۽ ورزش نه ڪرڻ ۽ جسماني طور تي متحرڪ نه رهڻ بيمارين جو وڏو سبب آهي.
Next Post
You might also like