نوَ مئي سانحي جي 19 ڏوهارين جون سزائون معاف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) 9 مئي سانحي جي 19 ڏوهارين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر موجب، نوَ مئي سانحي جي سزائن تي عملدرآمد دوران ڏوهارين رحم ۽ معافي لاءِ درخواستون داخل ڪيون، جن مان مجموعي طور 67 رحم جون درخواستون داخل ٿيون.
آءِ ايس پي آر موجب، 48 درخواستون قانوني ڪارروائي لاءِ ”ڪورٽس آف اپيل“ ۾ نظرثاني لاءِ موڪليون ويون، جڏهن ته 19 ڏوهارين جون درخواستون انساني همدرديءَ جي بنياد تي منظور ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻيون رحم جون درخواستون مقرر وقت ۾ قانون موجب حل ڪيون وينديون، جن ڏوهارين کي معافي ڏني وئي آهي، انهن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي.
پاڪ فوج ترجمان جو چوڻ آهي ته سڀني ڏوهارين کي اپيل ۽ قانون موجب ٻيا حق حاصل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، سزائن جي معافي اسان جي منصفاڻي قانوني عمل ۽ انصاف جي مضبوط بنيادن جو ثبوت آهي، هي نظام رحم ۽ انساني همدرديءَ جا اصول نظر ۾ رکندي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو.
ڪهڙن ڏوهارين جون سزائون معاف ڪيون ويون؟
معافي حاصل ڪندڙ ڏوهارين ۾ محمد اياز، سميع الله، لئيق احمد، امجد علي، ياسر نواز، سعيد عالم، زاهد خان، محمد سليمان، حمزه شريف، محمد سلمان، اشعر بٽ، محمد وقاص، صفيان ادريس، منيب احمد، محمد احمد، محمد نواز، محمد علي، محمد بلاول، ۽ محمد الياس شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.