”حڪومت وٽ ڳالهين لاءِ 30 جنوري تائين جو وقت آهي، مطالبن تان پوئتي نه هٽنداسين“

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته اسان پنهنجن ٻن مطالبن کان پوئتي نه هٽنداسين، حڪومت وٽ ڳالهين لاءِ 30 جنوري تائين جو وقت آهي.
هڪ بيان ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پنهنجي ايجنڊا فائنل ڪري ڇڏي آهي، ٻن بنيادي مطالبن ۾ سڀني گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جو قيام شامل آهي.
هن چيو ته انهن ٻنهي نڪتن تي عملدرآمد ٿيڻ کانپوءِ ئي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي ۽ انهن تي پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندي.
سندس چوڻ هو پي ٽي آءِ باني طرفان سول نافرماني جي تحريڪ برقرار آهي، جيڪڏهن حڪومتي ڪميٽي جو رويو سنجيدا رهيو ۽ مطالبن تي عمل ٿيو ته تحريڪ جي واپسي بابت ڳالهيون ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن حڪومت ٻنهي مطالبن تي لچڪ نه ڏيکاري ته سول نافرماني جي تحريڪ جاري رهندي.
شوڪت يوسفزئي اهو پڻ واضح ڪيو ته حڪومت وٽ 30 جنوري تائين جو وقت آهي، ان کان پوءِ تحريڪ انصاف احتجاج لاءِ پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪندي.
ياد رهي ته گذريل مهيني حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جي باظابطا شروعات ٿي هئي، جڏهن ته ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٿيندو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ پنهنجا مطالبا حڪومت آڏو رکندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.