شادي کان انڪار تي ناري جو قتل، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قتل جي معاملي ۾ عمر قيد بدران پنجويهه سال قيد جي سزا ڏيڻ خلاف اپيل منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
شادي کان انڪار تي ناري جي قتل جي ڏوهه ۾ 25 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا بابت ڪيس جي اسلام آباد هاءِڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته عام حالتن ۾ قتل جي سزا موت آهي، خاص پيرا ميٽرز جي بنياد تي موت جي سزا کي گهٽائي عمر قيد ڪري سگهجي ٿو، ٽرائل ڪورٽ کي موت جي سزا نه ڏيڻ جا سبب ۽ تفصيل لازمي طور فراهم ڪرڻ گهرجن.
جسٽس محسن اختر ڪياني فيصلي ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ جو سڄو فيصلو 25 سال سزا ڏيڻ جي وضاحت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار جي وڪيل ۽ اسٽيٽ ڪائونل 25 سال قيد بابت پڇاڻي تي ڪو جوڳو جواز پيش نه ڪري سگهيا، ٽرائل ڪورٽ حتمي پيرا گراف ۾ 25 سال سخت پورهئي جي سزا ڏيڻ جو جواز پيش ناهي ڪري سگهي.
درخواست گذار موجب، شهزاد پنجن مهينن تائين ناري جو پيڇو ڪرڻ کانپوءِ رشتو موڪليو.
وڪيل موجب، شادي کان انڪار تي ڏوهاري ناري ۽ سندس پيءُ کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ 30 نومبر 2020 تي صبح ساڍي نائين وڳي ناري کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
عدالت لکيو ته ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي سيڪشن 302سي تحت 25 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي، سوال اِهو آهي ته ٽرائل ڪورٽ ان معاملي کي سيشن 302 سي تحت ڏسي پئي سگهي .
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته سزا جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڪيس ٻيهر فيصلي لاءِ رمانڊ بيڪ ڪيو وڃي ٿو، ٽرائل ڪورٽ ٻنهي ڌرين کي ٻڌني جو هڪ موقعو ڏئي ۽ 45 ڏينهن اندر ڪارڻن جي بنياد تي فيصلو ٻڌائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.