حڪومت سان ڳالهين جي ٻئي دور کان اڳ عمران خان جون پارٽي کي اهم هدايتون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ )پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي کي قيدين جي آزديءَ تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي .
راولپنڊي اڊيالا جيل ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني سان پي ٽي آئي جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ٻن ميمبرن سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ڪندڙن ۾ بئريسٽر علي ظفر ۽ سليمان اڪرم راجا شامل هئا، ڳالهين کان اڳ حتمي مشاورت مڪمل ڪئي وئي.
ان دوران پي ٽي آءِ باني قيدين جي آزاديءَ واري معاملي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
عمران خان سان ملاقات کانپوءِ مذاڪراتي ڪميٽي جا ميمبر اڊيالا جيل مان روانا ٿي ويا.
ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي سليمان اڪرم راجا چيو ته هو پنهنجي موقف تي قائم ۽ ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.