ملڪ ۾ بجلي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ توانائي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ توانائي واري وزير اويس لغاري به چيو هو ته اسان پاڪستان کي علائقي ۾ سڀ کان سستو بجلي فراهم ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين.
آءِ پي پيز سان ڳالهين ذريعي بجلي ڪجهه سستي ڪئي وئي آهي، آءِ پي پيز سان وڌيڪ ڳالهيون جاري آهن، جنهن سان عوام کي وڌيڪ ريليف ملڻ جي اميد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.