عمران خان کي اڊيالا جيل کان بني گالا منتقل ڪرڻ جي آڇ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان ٻڌايو ته کيس ڊيل جي آڇ ڪئي وئي هئي.
اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته توشا خانا ٻن ڪوڙن ڪيسن جي سيريز مان هڪ ڪيس آهي.
فيصل چوڌري ٻڌايو ته عمران خان گلگت بلتستان جي اڳوني وڏي وزير خالد خورشيد جي سزا جي مذمت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جو وقت اچي ويو آهي ۽ ڪا به طاقت ان کي روڪي نٿي سگهي.
فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته کيس بني گالا منتقل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، پر جيستائين تائين ڪارڪنن کي بنا ٽرائل جي آزاد نه ڪيو ويندو، هو ڪيڏانهن به منتقل نه ٿيندو.
عمران خان جي وڪيل جو چوڻ هو ته حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ دوران 9 مئي ۽ 26 نومبر جي مامرن تي عدالتي ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون ۽ مذاڪراتي ڪميٽي ۾ قيدين جي آزادي جو به مطالبو ڪري رهيا آهيون.
فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته هڪ طبقو ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿو، مذاڪراتي ڪميٽي کي اڄوڪي اجلاس کانپوءِ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.