ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب جي مقرري ۾ بي ضابطگي خلاف درخواست داخل

ڪراچي(  رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ  جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ نيب آفيسرن جي ڀرتين ۾ بي قائدگين وارو ڪيس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب اياز ميمڻ جي مقرري ۾ بي ضابطگين خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي .عدالت وزيراعظم جي پرنسپل  سيڪريٽري، نيب چيئرمين ۽ ٻين کان چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل اسد الله بلو چيو ته 2012ع ۾ نيب ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کان ڊائريڪٽر تائين ڀرتيون ٿيون، سپريم ڪورٽ جي هدايت تي انهن مقررين جو جائزو ورتو ويو, ڀرتين ۾ ڪجهه آفيسرن کي سڌي ريت مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڪجهه کي ٻين کاتن ذريعي مقرر ڪيو ويو, ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز اياز ميمڻ کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب مقرر ڪيو ويو،  2017 ۾ سپريم ڪورٽ نيب جي ڀرتين جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، جنهن ۾ غير شفافيت جي الزامن تي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالتي ڪميٽي غير لاڳاپيل شعبن ۽ جعلي دستاويز رکندڙن کي هٽائي ڇڏيو آهي، درخواستگذار اياز ميمڻ کي پنهنجي کاتي ورڪس اينڊ سروسز حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اياز ميمڻ کي سڌي ريت ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو، وڪيل اسد الله بلو چيو ته نيب ۾ اڃا تائين اسٽور ڪيپرز کي اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي, نيب ۾ مقررين جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي هدايتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اياز ميمڻ کي نيب ۾ عهدي تي بحال ڪيو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.