اسلام آباد (م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين پي ٽي اي ٻڌايو ته جڏهن به گهرو وزارت جو خط ايندو آهي ته انٽرنيٽ بند ڪيو ويندو آهي، منهنجي اچڻ کاناڳ اهو سلسلو هلي رهيو آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر پلوشا خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جي آءِ ٽي وزارت ۽ پي ٽي اي جي عملدارن انٽرنيٽ سروس ۾ خلل بابت بريفنگ ڏني، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيئرمين پي ٽي اي چيو ته روزانو سوشل ميڊيا مواد جون 500 شڪايتون ملنديون آهن، پي ٽي اي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي مواد بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪندي آهي، جنهن تي پليٽ فارمز 80 سيڪڙو مواد بلاڪ ڪيو، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ايڪٽ ۾ ڪنهن خاص علائقي ۾ انٽرنيٽ بلاڪ ڪرڻ ڪٿي لکيل آهي، قانون ۾ اهو ناهي لکيل ته انٽرنيٽ ڪيئن بلاڪ ڪري سگهو ٿا؟ ان تي جي آءِ ٽي وزارت جي قانوني ميمبر چيو ته ايڪٽ ۾ واضح طور تي ڪنهن خاص علائقي جو ذڪر ناهي، ان موقعي تي چيئرمين پي ٽي اي چيو ته ضابطن ۾ لکيل آهي ته گهرو وزارت پي ٽي اي کي هدايتون ڏئي سگهي ٿي، جيڪڏهن اهو غلط آهي ته حڪومت 9 سالن کان اسان کان انٽرنيٽ ڇو بند ڪرائي ٿي، آئون تاريخ ٻڌائي سگهان ٿو، ڪڏهن ڪڏهن انٽرنيٽ بند ڪرايو ويو، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جون ايپليڪشنون بند ٿينديون آهن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪيترائي ڀيرا انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جون ايپليڪشنون بند ڪيون ويون، چيئرمين پي ٽي اي چيو ته توهان سڀ ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ حڪومت ۾ رهيا آهيو، 2016 کان جڏهن به گهرو وزارت جو خط ايندو آهي ته انٽرنيٽ بند ڪيو ويندو آهي، منهنجي اچڻ کان اڳ ئي اها پريڪٽس جاري هئي، اڄ پهريون ڀيرو خبر پئي ته انٽرنيٽ جي بندش غلط آهي، ڇا 8 فيبروري تي اليڪشن واري ڏينهن نيٽ جي بندش به غلط هئي؟ قانون واري وزارت ۽ گهرو وزارت ان حوالي سان حتمي قانوني راءِ ڏئي سگهي ٿي، سينيٽر همايون مهمند چيو ته ڇا اهو وزارت جو ڪم ناهي ته سپريم ڪورٽ کي ٻڌائي ته اها شئي ايڪٽ يا رولز ۾ ناهي، رولز ۾ به رڳو مواد جو ذڪر آهي، ان تي جي آءِ ٽي واري وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته سمورو آن لائن مواد صرف انٽرنيٽ بند ڪرڻ سان بلاڪ ڪيو ويو آهي، پي ٽي اي چيئرمين چيو ته اسان وي پي اين جي بندش جي معاملي تي موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ان کي بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي، وي پي اين سروس فراهم ڪندڙن جي رجسٽريشن جو عمل 19 ڊسمبر کان شروع ڪيو ويو، اميد آهي ته وڏي تعداد ۾ درخواستون اينديون، هن چيو ته پاڪستان ۾ 7 سب ميرين ڪيبل اچي رهيون آهن، هڪ سب ميرين ڪيبل ٽو آفريڪا جي نالي سان اچي رهي آهي، ان ڪيبل سان هن سال ڳانڍاپو ٿي ويندو، ايندڙ سالن ۾ 4 وڌيڪ سب ميرين ڪيبل جوڙيا پيا وڃن شارڪ مڇي سب ميرين ڪيبل کي نه ٿي کائي سگهي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ جي لحاظ کان 97 هين نمبر آهيون، بعد ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي گهرو وزارت ۽ قانون واري وزارت جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو.