سنڌ وفاقي ادارن کان پاڻي جي چارجز جي مد ۾ اربين رپين جون رهتون گهري ورتيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي ادارن کان پاڻي جي چارجز جي مد ۾ 20 ارب رپين جون رهتون گهري ورتيون.
سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ادائيگي جو معاملو وفاقي حڪومت سان اُٿارڻ جو فيصلو ڪندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات ۽ سي اي او واٽر بورڊ کي لاڳاپيل ادارن کي خط لکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وفاقي حڪومت جي مختلف ادارن جي لاڳاپيل اختيارين کي21 جنوري تي پي اي سي ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
پي اي سي چيئرمين نثار کهڙي چيو ته پاڻي جي چارجز جي مد ۾ رڳو اسٽيل ملز ڏانهن سنڌ جا 10 ارب رپيا رهيل آهن، سنڌ وفاقي ادارن کي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت رهتن جي ادائيگي کان انڪار ڪري سنڌ سان زيادتي ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.