مردان (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان عمران خان، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي گڏجاڻي کي مسئلن جو حل قرار ڏئي ڇڏيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي مسئلن جو حل عمران خان جي آزادي آهي، ان سان سياسي گرمي پد گهٽجندو. جمهوريت لاءِ آصف علي زرداري، نواز شريف، عمران خان جي گڏجاڻي ضروري آهي. هن مطالبو ڪيو ته چونڊن کان اڳ چونڊ سڌارا آندا وڃن، اليڪشن ڪميشن ۾ تبديلي ڪئي وڃي.