سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦُڙو به نه ڏينداسين:مراد علي شاهه

ٺٽو/حب(رپورٽ: منصور جلالاڻي+يار محمد بروهي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري واضح موقف ڏنو آهي ته سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦُڙو به نه ڏينداسين، ڪالاباغ ڊيم وانگر واهن جا به مخالف آھيون، سنڌو درياهه مان نڪرندڙ واهن جو مسئلو جيستائين ڪنهن فورم تي نه ايندو تيستائين ختم نه ٿيندو. اهڙن خيالن جواظهار هن ڪلري بگهاڙ فيڊر جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، ڄام خان شورو، سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ترقي جو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو، نئين سال جي حوالي سان عوام کي گذارش آھي ته هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري، سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ ڏينھن رات ڪوششون ڪري رھي آھي. هن چيو ته ڪي بي فيڊر وڇائڻ واري منصوبي سان ڪراچي کي روزانو 7600 ڪيوسڪ مان وڌائي 9800 ڪيوسڪ پاڻي ملندو، سنڌ حڪومت ڪراچي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪلري بگهاڙ فيڊر اپر سسٽم ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي بهتري تي ڪم جاري آهي. ڪي بي فيڊر جي اپر فيز ون جي ڪنارن جي پختگي ۽ لائنن جو ڪم جاري آهي، لائننگ جي پُختگي جو پروجيڪٽ 19 جولاءِ 2023 تي ايڪنگ منظور ڪيو ھو، ڪي بي فيڊر لاءِ 39942.559 ملين رپيا منظور ڪيا ويا، 50 سيڪڙو پاڻي وسيلن واري وزارت ۽ 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت خرچ ڪندي، ڪي بي فيڊر جي لائيننگ ذريعي 510 ڪيوسڪ پاڻي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڄاڻايل پاڻي ڪي فور پروجيڪٽ فيز ون جي گهرج پوري ڪري سگهي ٿو، ڪي بي فيڊر جي لائيننگ جي پُختگي وارو منصوبو چئن سالن ۾ مڪمل ٿيندو، ڪلري بگهاڙ فيڊر جي گنجائش وڌائي وئي آهي، اهو وفاق ۽ سنڌ جو گڏيل منصوبو آهي، ھن سال وفاق گهٽ رقم ڏني آهي، ھن سال منصوبي جو 40 سيڪڙو حصو مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته ڪي بي فيڊر جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو منصوبي تي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري رھيو آھي، ڪراچي کي پاڻي ملڻ سان ڪنهن به علائقي جو پاڻي گهٽ نه ٿيندو، ڪي بي فيڊر جي لائيننگ سميت ڊرينيج سسٽم به ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ جي فلنگ ليول کي آر ايل 53.50 مان 56.00 آر ايل تائين وڌائي ذخيري کي 0.38 مان 0.42 ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته آبپاشي کاتو ڪي بي فيڊر ذريعي ڪراچي کي 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪري سگهندو، 22.734 ڪلوميٽر ڪي بي فيڊر جي لائيننگ پختگي جو ڪم ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هن چيو ته 6 ڪلوميٽر ڊگھي آر ڊي 0 کان 65 جي لائيننگ پُختگي جي ڪم لاءِ 103 ملين رپيا جاري ٿيڻا آهن جڏهن ته 7.62 ڪلوميٽر ڊگھي آر ڊي 65 کان 130 تائين 1170 ملين رپين جي ڏھ سيڪڙو ادائگي ٿي چڪي آھي، 9.144 ڪلوميٽر ڊگھي آر ڊي 130 کان 189 تائين 1182 ملين رپين جا ڏھ سيڪڙو ادا ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پارا چنار ۾ انساني سانحو ٿي رهيو آهي، ان تي اسان کي افسوس آهي، سنڌ حڪومت گورنر ڪي پي ڪي جي درخواست تي ھلال احمر ذريعي امداد موڪلي آهي. هن چيو ته اسان پرامن ڌرڻن جي ڪنهن به صورت ۾ مخالف ناهيون، ايم ڊبليو ايم سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڌرڻا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڌرڻي وارن کي هڪ جاءِ تي ڌرڻو ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، 8 هنڌن تان ڌرڻا ختم ڪرايا ويا آھن جڏهن ته چئن هنڌن تي اڃان ڌرڻا جاري آهن، جيڪي ڳالھ ٻولھه يا ايڪشن سان ختم ڪرائينداسين، ڌرڻن خلاف ڪارروائي به ٿيندي، ڪجهه ماڻهو ناراض به ٿي سگهن ٿا. سيد مراد علي شاهه چيو ته پارا چنار جي مسئلي جو حل به اُتي ئي ٿيندو، اسان وٽ نه. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته بي آر ٽي بسن کي سڄي سنڌ ۾ وڌايو ويندو، اڳ ۾ ايس آر ٽي سي ھوندي هئي اڃان به سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملير ايڪسپريس وي جو ايندڙ مرحلو به 2025ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنھن سان ڪراچي کان ٻاهر ويندڙن جو سفر هڪ ڪلاڪ گهٽجي ويندو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي بي فيڊر جي لائيننگ منصوبي جو دورو ڪري ڪراچي لاءِ پاڻي جي منصوبي ڪي بي فيڊر منصوبي تي اهم اڳڀرائي جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو وڏي وزير کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني،هوڏانهن سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان 1.6 ارب ڊالرن جي پروگرام تحت ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي بهتر ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ فيز 2 تحت آپريشنل اپ گريڊيشن ۽ توسيع شامل آهي. هن اها ڳالهه موجوده حب ڪينال جي بحالي ۽ نئين حب ڪينال جي تعمير جي ڪم جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ چئي. هن چيو ته سائيٽ تي پروجيڪٽ جو معائنو ڪرڻ آفيس مان ويهي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کان بهتر آهي. وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته سنڌ جي ترقي جي رفتار ٻين صوبن توڙي وفاقي حڪومت کان بهتر آهي. هن چيو ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ منصوبي لاءِ اڌ فنڊ ڏيڻ باوجود مڪمل ٿيڻ ۾ دير ٿي رهي آهي جڏهن ته سنڌ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي ڪيترائي وڏا منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 1.6 ارب ڊالرن جي پروگرام تحت ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پروگرام ۾ ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ فيز 2 تحت آپريشنل اپ گريڊ ۽ توسيع شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي بئنڪ انتظامي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي شرط تي مالي مدد جي خاطري ڪرائي آهي. سنڌو درياءَ تي ڪينالن بابت خدشن جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي جي حقن تي ڪڏهن به خاموش نه رهي آهي. اسان ڇا ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن ڪو اسان جي موقف کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ٿو؟ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري پاڻي وسيلن بابت سنڌ جي حصي جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجو موقف واضح ڪري چڪا آهن. پارا چنار بحران تي تبصرو ڪندي مراد علي شاهه ان کي انساني الميو قرار ڏنو جتي ماڻهو خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ جو شڪار آهن. هن چيو ته سندس حڪومت متاثرن کي دوائون ۽ امداد فراهم ڪري رهي آهي پر اصل مسئلو خيبرپختونخواهه جو آهي ان کي اتي ئي حل ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ جاري احتجاج بابت وڏي وزير چيو ته شروعات ۾ مظاهرين کي نمائش تي پرامن طور تي ويهڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن احتجاج وڌيو ته روڊ کي بلاڪ ڪيو ويو جنهن سبب عوام کي سخت تڪليف پهتي. هن چيو ته اسان جي سينيئر اڳواڻن جن ۾ سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي شامل آهن، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين زور ڏنو آهي ته ڌرڻو پرامن طريقي سان ختم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اڄ صبح انتظامي ڪاروائين سبب 12 هنڌن مان 8 احتجاجي هنڌن کي خالي ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويا جڏهن ته چئن هنڌن تي احتجاج جاري آهي. مراد علي شاهه اعتراف ڪيو ته انتظامي ڪارروائي سبب ڪجهه خلل پئجي سگهي ٿو پر يقين ڏياريو ته حڪومت احتجاج ڪندڙن کي نقصان پهچائڻ جو ڪو ارادو ناهي بلڪه ڳالهين ۽ صورتحال کي دوستانه طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. وڏي وزير زور ڀريو ته سندس حڪومت پرامن احتجاج جي حق جي حمايت ڪري ٿي پر عوام کي تڪليف پهچائڻ ناقابل قبول آهي. هن احتجاج ڪندڙن سان ويهڻ ۽ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي پر زور ڏنو ته عوام جون تڪليفون ختم ٿيڻ گهرجن. مراد علي شاهه عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جهڙن اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن شهرين تي زور ڏنو ته هو صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جڏهن ته شهرين کي حڪومتي قدمن جي حوالي سان همٿايو وڃي. خوشحال 2025 جي اميد جو اظهار ڪندي هن چيو ته سنڌ ترقي جو سفر جاري رکندي. صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي ۽ صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهي آهي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پ پ قيادت جي رهنمائيءَ ۾ پرعزم آهي. نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان شهر جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن ۽ صوبائي حڪومت انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي. معائني دوران ان سان گڏ مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو سي اي او سيد صلاح الدين، واٽر ڪارپوريشن جو سي او او انجنيئر اسدالله خان، حب ڪينال پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سڪندر زرداري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا . وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ حڪومت نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ڪراچي کي فوري اضافي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ اميد آهي ته ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ٿي ويندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته حب ڪينال منصوبي ۾ حب پمپنگ اسٽيشنن کي اپ گريڊ ڪرڻ، گنجائش 80 ايم جي ڊي مان وڌائي 100 ايم جي ڊي ڪرڻ ۽ پراڻي ڪينال جي بحالي شامل آهي. سنڌ حڪومت پاران 12.76 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. حب ڪئنال جي بحاليءَ جو مقصد پمپنگ اسٽيشنن کي اپڊيٽ ڪرڻ، گنجائش 80 ايم جي ڊي کان 100 ايم جي ڊي تائين وڌائڻ ۽ پراڻي اسٽرڪچر جي بحاليءَ آهي. نئين حب ڪئنال جي مڪمل ٿيڻ سان وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪراچي خاص ڪري اولهه ۽ ڪيماڙي ضلعن جي پاڻي جو مسئلو وڏي حد تائين حل ٿي ويندو. هن يقين ڏياريو ته صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.