ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سٿ پاران ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سمورن سنڌ واسين کي نئين سال ٻه هزار پنجويجهه جي آمد جون مبارڪون هجن.
عوامي آواز پنهنجي روايت برقرار رکندي سدائين جيان هن سال ۽ اڳتي لاءِ به پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان هر هنڌ گڏجي بيهڻ جو عزم ڪري ٿي ۽ سدائين جيان سنڌ جي هر اهم معاملن تي ڌرتي واسين جو سگهارو آواز بڻجندي.
عوامي آواز ميڊيا گروپ تي ڀرپور اعتماد ڪرڻ ۽ مانائتي محبت ڏيڻ تي سڄي قوم جا ٿورائتا آهيون.