ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڪجهه وقت کان ڀارتي ميڊيا تي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ ۾ علحدگي جون خبرون وائرل ٿي رهيون آهن، اهي خبرون افواهه ٿي سگهن ٿيون پر هٿ ٺوڪيون ڪنهن به صورت ۾ ناهن.
جيئن هر ڳالهه پٺيان ڪو نه ڪو سبب هوندو آهي، تيئن ئي انهن خبرن پٺيان کوڙ سارا سبب آهن، جيڪي ايشوريا ۽ اڀيشيڪ جي لاڳاپن جي حوالي سان مداحن لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻجي رهيا آهن.
ماضي ۾ سلمان خان ۽ ايشوريا جي لاڳاپن ۽ ويجهڙائي جي ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي، اها به سڀني کي خبر هوندي ته سلمان خان ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجڻ کانپوءِ اَڌ رات جو ايشوريا جي گهر ويو هو، جتي هوءَ گهر ڀاتين کان الڳ هڪ فليٽ ۾ رهندي هئي، گهڻي دير تائين در کڙڪائڻ کانپوءِ ايشوريا طرفان ڪو جواب نه اچڻ تي سلمان خان کيس اها ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن هوءَ هاڻي در نه کوليندي ته سلمان خان ست ماڙ تان ٽپو ڏئي ڇڏيندو.
اهڙي ڌمڪي کانپوءِ اداڪارا دَر کوليو هو ۽ سلمان خان باقي سڄي رات اداڪارا سان گڏ گذاري هئي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته سلمان خان، ايشوريا کي ٿيل غلط فهمي بابت مطمئن ڪيو هو ۽ ٻئي ڄڻا وري هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا هئا.
سلمان خان ۽ ايشوريا جي شادي نه ٿيڻ رڳو ٻنهي ۾ جهيڙا يا وري ڇڪتاڻ ئي سبب نه هئا پر ان وقت ٻنهي ۾ مذهبي معاملن جي حوالي سان به ڀارت ۾ وڏي وٺ پڪڙ هئي جنهن جي ڪري اهو معاملو نجي کان وڌي ڀارتي انتهاپسندن ۽ سياسي ماڻهن لاءِ به وڏو اهم بڻجي ويو هو.
ڀارتي انتهاپسندن کي هندو اداڪارا جي مسلمان اداڪار سان شادي ڪهڙي به صورت ۾ قبول نه هئي ۽ اداڪارا جي شادي لاءِ ڪو ٻي سُٺي ۽ ناليواري اداڪار جي ڳولا سياسي حد تائين شروع ٿي وئي هئي.
بهرحال، جيئن جو تيئن ايشوريا ۽ سلمان خان ڌار ٿيا، ٻه هزار ست ۾ اداڪارا جي اڀيشيڪ سان شادي ٿي، پر ڀارتي ميڊيا موجب ايشوريا اڀيشيڪ جي ماءُ اميتاب بچن جي زال جيا بچن کي بلڪل به پسند نه هئي، هاڻي ڪير چئي.
شادي کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا بچن خاندان ۽ ايشوريا ۾ اختلاف خبرن ۾ آيا، اهي خبرون به آيون ته ايشوريا جيا بچن کي ماءُ ڪري سڏي ٿي پر جيا بچن ساڻس ڳالهائڻ پسند ناهي ڪندي.
اهي خبرون به هليون ته بچن خاندان پنهنجي طاقت جي زور تي توڙي سلمان خان سان لاڳاپن جي ڪري ايشوريا کي اها اهميت ئي نٿو، رڳو سياسي مجبورين جي ڪري اها شادي ٿي هئي.
حالتون جهڙيون تهڙيون هلي به وڃن ها پر سلمان خان طرفان شادي ڪرڻ کان ٺپ جواب به بچن خاندان لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، جتي سلمان خان جي ڪنواري هجڻ جي ڳڻتي سڄي ڀارت کي آهي ۽ کانئس ان بابت سڄي دنيا ۾ سوال ڪيا ويندا آهن اتي اهو مسئلو بچن خاندان لاءِ ڳڻتي بڻجي ويندو آهي.
ناليواري ايوارڊ شوز ۾ سلمان خان کان سڄي باليووڊ ، بچن خاندان توڙي ايشوريا جي سامهون ئي شادي ڪڏهن ڪرڻ، ڇو نه ڪرڻ توڙي پنهنجي ماضي جي لاڳاپن ۽ ايشوريا سان جڙيل شين جا سوال ڪيا ويندا آهن جيڪي خوشين واري محفل ۾ به بچن ڪٽنب جا منهن ڀيلا ڪري ڇڏيندا آهن.
شايد سلمان خان شادي ڪري ها، يا وري انکان اهڙي قسم جا سوال پيدا نه ٿين ها ته بچن خاندان به هوريان هوريان ان ڳالهه کي وساري ڇڏي ها.
تازو ايشوريا راءِ پاران پنهنجي نالي پٺيان بچن هٽائڻ توڙي اڀيشيڪ جي ٻين لاڳاپن جي خبرن کانپوءِ ٻنهي ۾ علحدگي جون خبرون به تيز ٿي وري هلڪيون ٿي وڃن ٿيون، ڪيترين ئي جاين تي اڀيشيڪ کي ايشوريا کانسواءِ اڪيلو ڏٺو ويو آهي ۽ ايشوريا کي بچن ڪٽنب کان ڌار رهندي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
جنهن صورتحال کانپوءِ مداحن ۾ اهي ڳالهيون ڦهلجي رهيون آهن ته ڪنهن به جاءِ تي سوال سلمان خان کان ٿئي ٿو ته ساهرن جا رويا ايشوريا سان رخا ٿي وڃن ٿا.
اهو به چيو پيو وڃي ته ايشوريا کي سلمان خان جا ڪيترائي ڀيرا بچن خاندان ۾ طعنا مليا آهن. جنهن جي ڪري هوءَ به ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ٿي کانئن بيزاري جو اظهار ڪري ٿي.
مداحن پاران اهو پڻ چيو پيو وڃي ته اداڪارا گهرڀاتين کي خوش ۽ مطمئن ڪرڻ لاءِ هر ڪوشش ڪئي آهي، هوءَ اهو به چئي چڪي آهي ته سلمان خان کان سوال ٿيڻ تي منهنجو ڏوهه ڪهڙو آ؟، بچن خاندان کي به ايشوريا تي ڪنهن به حوالي ڪو شڪ يا ساڻس مان ڪو ڀئو ته ناهي پر هو سلمان خان کان ٿيندڙ سوالن تي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ جي شادي تي پڇتائين ٿا جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ڪٽنب جو ايشوريا سان رويو ئي رخو ٿي ٿو وڃي.
هوڏانهن ايشوريا اڀيشيڪ جي ناجائز لاڳاپن وارين خبرن سميت گهر ۾ اهڙي رويي سان منهن ته ڏئي ٿي پر ڪجهه ڪُڇي نٿي سگهي.