بچن خاندان جو مقصد ڇا! سڀ هجن رڳو ايشوريا نه؟ اداڪارا جا مداح وري پريشان

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ممبئي ۾ ٿيندڙ هڪ شادي جي تقريب ۾ اميتاب بچن، جيا بچن ۽ اڀيشيڪ بچن جي شرڪت سوشل ميڊيا تي وري بحث اڀاري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ايشوريا راءِ جي غير موجودگي وري نئين اڳڪٿين ۽ افواهن کي جنم ڏنو آهي.

رڪين يادوو ۽ سورڀي جي آجياڻي واري تقريب ۾ سڄي بچن ڪٽنب شرڪت ڪئي، جنهن جون تصويرون وارئرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وري سوال اٿي پيو آهي ته اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ پاڻ ۾ ٺهيل آهن يا ڪو وڏو مسئلو ضرور آهي.

انکان ڪجهه هفتا اڳ به اڀيشيڪ بچن ڪشيپ جي شادي ۾ اڪيلو نظر آيو هو، جتي هن پنهنجي زال بدران اگستيا نندا سان گڏجي شرڪت ڪئي هئي، انکان اڳ دبئي ۾ عورتن جي حوالي سان ٿيل پروگرام ۾ ايشوريا راءِ پنهنجي نالي پٺيان بچن ڪٽرائي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا هئا.

ڪيترين ئي جاين تي بچن خاندان خاص ڪري اڀيشيڪ کي ايشوريا کانسواءِ ڏٺو ويو آهي جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ علحدگي جون خبرون وڌي ويون آهن، ان حوالي سان ٻنهي پاران ڪو به موقف سامهون ناهي آيو، پر سوشل ميڊيا واهپيدار خاص ڪري ايشوريا جا مداح انهن جي لاڳاپن بابت حقيقت ڄاڻڻ لاءِ بي قرار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.