”جسم ديسي آهي“ گووندا جي ڌيءَ ٽينا جو ماهواري بابت تڪراري بيان، سوشل ميڊيا تي ٻَڙڌڪ

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي سينيئر اداڪار گووندا جي ڌيءَ ٽينا آهوجا تي سندس ماهواري بابت تازي تڪراري بيان جي ڪري سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.

ٽينا دعويٰ ڪئي آهي ته رڳو وڏي شهرن خاص ڪري ممبئي جون ڇوڪريون ماهواري جي تڪليف يا سور بابت دانهين ٿيون.

ان جي اهڙي بيان کانپوءِ خاص طور تي ريڊ ڪارپيٽ تي واهپيدارن سندس خيالن کي عورتن جي تڪليف کي گهٽ ڏيکارڻ جي برابر سمجهو ۽ سخت ردعمل ڏنو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ ٽينا چيو ته مون گهڻو وقت چندي ڳڙهه ۾ گذاريو آهي ۽ اتهان جي عورتن کي ماهواري جي تڪليف جي دانهن ڪندي ناهي ٻڌو. اهي مسئلا گهڻي قدر انهن ماڻهن ۾ هوندا آهن جيڪي ان مسئلي تي ڳالهائيندا آهن پوءِ جيڪي عورتون تڪليف محسوس ناهن ڪنديون، اهي به نفسياتي طور تي متاثر ٿينديون آهن. پنجاب ۽ ٻين ننڍي شهرن ۾ ڪيترين ئي عورتن کي اها به خبر ناهي ته انهن جي ماهواري ٿي ڪڏهن.

ٽينا وڌيڪ چيو ته منهنجو جسم شايد ٿورو ديسي آهي، مونکي ڪڏهن به چيلهه جو سور يا ماهواري ۾ باقاعدگي ناهي ٿي.

عورتن کي مشورو ڏيندي هن چيو ته توهان گيهه کائو، گهڻي ڊائيٽنگ نه ڪيو ۽ ننڊ صحيح نموني ڪيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. اڄڪلهه ڇوڪريون انسٽا جون ڳالهيون ٻڌي ايڏي ڊائيٽنگ ڪن ٿيون جو پوءِ غير ضروري مسئلا پيدا ٿين ٿا.

ٽينا جي ماءُ سنيتا به سندس ڳالهين جي حمايت ڪئي پر خبردار ڪيو ته گيهه جي استعمال کان اڳ ڊاڪٽر سان ضرور رابطو ڪيو ڇو ته گهڻو گيهه دل جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ٽينا جو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ مٿس ڊاڪٽر ۽ واهپيدارن پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

هڪ همراهه لکيو ته ”ماهواري جي تڪليف حقيقت ناهي، گووندا جي زال ۽ ڌيءَ تي ڀروسو ڪيو“.

اهڙي بيان تي ڊاڪٽرن به ماهواري بابت تفصيلي تبصرا ڪيا ۽ عورتن جي صحت جي مسئلن کي اجاگر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.