نئين سال جي موقعي تي آصفه ڀٽو جو اهم پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خاتون اول پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو نئين سال 2025 بابت اهم ٽويٽ ڪيو آهي.
سال 2024 جو سج لهي ويو ۽ ماڻهو نئين سال جي آمد جو جشن شاندار طريقي سان ملهائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو جو اهم ٽويٽ سامهون آيو آهي.
ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آصفه ڀٽو پاڪستاني قوم کي نئين سال جو جشن امن سان ملهائڻ جو پيغام ڏنو آهي.
آصفه ڀٽو پنهنجي ٽويٽ ۾ لکيو ته نئين سال جي آمد کي ذميواري سان ملهائڻ ياد رکيو، هوائي فائرنگ رڳو لاپرواهي نه پر موتمار به آهي، توهان جي هلايل گولي هڪ معصوم زندگي جو خاتمو ڪري سگھي ٿي ۽ جشن کي سانحي ۾ تبديل ڪري سگھي ٿي، ان ڪري نئون سال امن سان ملهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.