سڊني (ويب ڊيسڪ) ڀارت خلاف بارڊر گواسڪر ٽرافي سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ کان اڳ آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ انجري جو شڪار ٿي ويو.
رپورٽس موجب، مچل اسٽارڪ کي چوٿين ٽيسٽ دوران چيلهه ۾ تڪليف جو شڪار ٿيو، هن باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ تڪليف باوجود بالنگ جاري رکي.
رپورٽس موجب، هاڻي فاسٽ بالر جي سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ جيڪا ٽي جنوري کان سڊني ۾ شروع ٿيندي ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته آسٽريليا کي پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل آهي، سيريز جي آخري ميچ ٽي جنوري کان سڊني ۾ شروع ٿيندي.
You might also like