ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ نئون سال شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ بچيا آهن ۽ علم نجوم جي ماهرن نئين سال ۾ ايندڙ تبديلين جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون آهن.
سال 2024 جو سج لهي ويو ۽ نئون سال شروع ٿيڻ ۾ رڳو ڪجهه ڪلاڪ بچيا آهن، 2024 پاڪستان ۾ سياسي حوالي سان سڄي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻيل رهيو.
سال 2025 ۾ پاڪستان ۾ تبديليون اينديون يا 2024 جيان افراتفري جو سال رهندو، ان بابت علم نجوم جي ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي.
نجومين جو چوڻ آهي ته سال 2025 ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو.
علم نجوم جي ماهرن موجب نئين سال ۾ شهباز شريف ڪجهه ڏکيائين جو شڪار ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته بلاول ڀٽو جو ستارو عروج تي آهي ۽ ان کي 2025 ۾ وڏي ڪاميابي ملي سگھي ٿي.
ماهرن عمران خان جي حوالي سان چيو آهي ته نئين سال ۾ پي ٽي آءِ باني کي رليف ملڻ جو امڪان آهي پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ لچڪ نه ڏيکاري ته ان لاءِ هڪ ڊگهي گمنامي ٿي سگهي ٿي.
You might also like