”محمد عباس جي ڪيريئر جي تباهي جو ذميوار اظهر محمود نڪتو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سڪند بخت چيو آهي ته اظهر محمود اسسٽنٽ ڪوچ طور قومي ٽيم سان گڏ رکڻ جو معيار سمجهه کان ٻاهر آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سڪندر بخت اظهر محمود کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته بنگلاديش جي پاڪستان جي دوري دوران اظهر محمود پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ اسان وٽ اسپنر نه آهن.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته سندس بيان کانپوءِ اسان ڏٺو ته نعمان علي ۽ ساجد خان انگلينڊ خلاف پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز کٽرائي.
سڪندر بخت الزام هڻندي چيو ته محمد عباس جنهن انگلش ڪائونٽي ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ٽيم ۾ زبردست واپسي ڪئي پر هڪ ڀيرو به اظهر محمود سندس نالو نه ورتو جيتوڻيڪ هو پاڻ انگلينڊ ۾ رهندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙا ماڻهن کي جيڪي رانديگرن جي ڪارڪردگي تي ڌيان نٿا ڏين، انهن کي قومي ٽيم سان گڏ نه هئڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.