تربت(م ڊ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ شهري ظريف عمر جي مبينا تشدد جي نتيجي ۾ مارجي ويلن خلاف سومر ڏينهن ضلعي هيڊ ڪوارٽر تربت ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. هڙتال جو سڏ ظريف عمر جي وارثن ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ ڏنو هو، جڏهن ته تربت شهر ۾ به ظريف عمر جي موت خلاف ڌرڻو جاري آهي. هڙتال سبب تربت شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ظريف عمر جي گهرڀاتين ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي الزام هنيو آهي ته کيس سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن قتل ڪيو آهي. 37 ورهين جو ظريف عمر ڪيچ ضلعي جي تمپ جي علائقي دازان جو رهواسي هو. کين ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي سميت چار ٻار آهن. تربت ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ سندس ڀيڻ گل شان بلوچ الزام هنيو آهي ته ظريف کي 26 ڊسمبر تي صبح جو 1 وڳي ايف سي اهلڪارن سندس گهر مان کنڀي کڻي ويو هو. هن کي ايف سي اهلڪار سڄي ڪٽنب جي سامهون کڻي ويا ۽ پوءِ سندس لاش دازن ۾ هڪ گهر جي صحن ۾ اڇلايو ويو.