بجلي واهپيدارن لاءِ سٺي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جي ڳرن بلن کان پريشان عوام لاءِ سٺي خبر اچي وئي، بجلي جي قيمت ۾ 63 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو امڪان آهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي سي پي اي) نيپرا کي بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي آهي، نيپرا ان تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.
سي سي پي اي طرفان قيمتن ۾ گهٽتائي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت گهري وئي آهي، جيڪڏهن نيپرا درخواست منظور ڪئي ته بجلي واهپيدارن کي 4 ارب 88 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو، ايڊجسٽمينٽ جو رليف شهرين کي ڊسمبر جي بلن ۾ ڏنو ويندو پر اهو ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.