هڪ تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عام ماڻهن لاءِ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) طرفان لکيل نظمن جي نشاندهي ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي.
آمريڪا جي پٽسبرگ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته شاعريءَ سان چاهه رکندڙ عام ماڻهو آءِ اي طرفان تيار ڪيل نظمن کي انسانن جا لکيل سمجهن ٿا.
تحقيق ۾ عام ماڻهن کي انگريزي ٻوليءَ جي ڏهن مشهور شاعرن جا لکيل نظم ۽ چيٽ جي پي ٽي 3.5 طرفان انهن شاعرن جي انداز ۾ لکيل نظم ڏيکاريا ويا.
نتيجن موجب، اي آءِ ٽيڪنالاجي طرفان تيار ڪيل شاعري جي ڀيٽ ۾ حقيقي شاعر جي نظمن جي نشاندهي جو 75 سيڪڙو امڪان موجود هوندو آهي.
تحقيق ۾ اِهو به دريافت ڪيو ويو آهي ته عام ماڻهو وليم شڪسپيئر ۽ لارڊ بائرن جي لکڻين جي ڀيٽ ۾ اي آءِ جي تيار ڪيل نظمن کي وڌيڪ معياري قرار ڏين ٿا.
محققن موجب، عام ماڻهو امڪاني طور تي انڪري اي آءِ طرفان تيار ڪيل نظمن کي ترجيح ڏين ٿا ڇو ته اِهي عام ۽ سادي ٻوليءَ ۾ هوندا آهن.
ان جي ڀيٽ ۾ حقيقي شاعرن جي نظمن جون پيچدگيون ۽ ٻيا رخ نظمن جي ڪشش ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.
محققن موجب، اهڙن نظمن ۾ گهرو مفهوم هوندو آهي ۽ اي آءِ جو تخليقي ڪم ان کان محروم آهي.
هنن چيو ته گهڻي قدر ماڻهو شاعري جي گهري مفهوم کي سمجهي ناهن سگهندا، تنهنڪري هو اي آءِ چيٽ بوٽ جي شاعري پسند ڪندا آهن جنهن ۾ سڀ ڪجهه سادي انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي.
محققن موجب، بنا ڪنهن شڪ جي اي آءِ ٽيڪنالاجي مشهور شاعرن جهڙو تخليقي ڪم لڳ ڀڳ مثالي انداز ۾ ڪري سگهي ٿي پر هڪ سٺي شاعر جو نظم ڪنهن الگورٿم کان وڌيڪ هوندو آهي، جنهن ۾ جذبن، حيرت، همدردي، انڪشاف ۽ کوڙ سارا ٻيا رخ موجود هوندا آهن.
هنن چيو ته پڙهندڙن لاءِ مشيني لکڻين جي نشاندهي ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ ظاهري طور ماڻهو اِهو سمجهندا آهن ته اي آءِ ٽيڪنالوجي انساني تجربي جي نقل نٿي ڪري سگهي.
Next Post
You might also like