لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ هٿرادو ذهانت سان ڪم ڪندڙ هڪ اوزار متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو دل جي مرضن بابت علامتون ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي اطلاع ڏئي سگهي ٿو.
اهو انقلابي اوزار جنرل فزيشن جي رڪارڊز جي جاچ ڪري ٿو ته جيئن ريڊ فليگز يا خطرن جا اشارا ڳولي سگهجن.
انهن اشارن سان اهو واضح ٿي سگهي ٿو ته ڇا مريض کي دل جي غير قاعدگي يا تيز رفتاري (Atrial Fibrillation) جو خطرو آهي.
ياد رهي ته ايٽريئل فبريليشن دل جي اها حالت آهي، جيڪا اڪثر دل جي غير معمولي ۽ تيز ڌڙڪڻ جو سبب بڻجي ٿي، ان حالت ۾ مبتلا ماڻهن کي اڌ رنگ جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي.
You might also like