ممبئي (ويب ڊيسڪ) ميلبورن ۾ کيڏيل چوٿين ميچ ۾آسٽريليا هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ سليڪٽرز سڊني ٽيسٽ بعد ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما کي ڊگهي فارميٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو چئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي سليڪٽرز روهت شرما جي مستقبل بابت غور شروع ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڀارتي ڪپتان سان مشاورت ڪري کيس ريڊ بال ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو چيو ويو آهي.
ميڊيار رپورٽس موجب، مسلسل خراب فارم ۽ ڀارتي ٽيم جي مسلسل ناڪامين بي سي سي آءِ ٿنڪ ٽينڪ کي وڏا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽس موجب، باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي موقعي تي ڀارتي چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر روهت شرما سان ملاقات ڪئي ۽ روهت شرما کي واضح انداز ۾ چيو ته هو سڊني ٽيسٽ کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري.
ٻئي پاسي ڀارت جي معتبر اداري ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته روهت شرما تمام جلد ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ وارو آهي.
واضح رهي ته سڊني ٽيسٽ ميچ ٽي جنوري کان شروع ٿيندي، اِهو مقابلو جيڪڏهن پنجن ڏينهن تائين جاري رهيو ته روهت شرما ست جنوري روهت شرما جي ٽيسٽ ڪيريئر جو آخري ڏينهن ٿي سگهي ٿو.
You might also like