آسٽريليا کانپوءِ بيلجيئم ۾ به اي سگريٽ تي پابندي

برسلز (ويب ڊيسڪ) بيلجيئم جي صحت واري وزير چيو آهي ته اسان جو ملڪ پهرين جنوري کان ڊسپوزايبل اليڪٽرڪ سگريٽ جي وڪري تي پابندي لڳائيندو.
فرينڪ وينڊن بروڪ موجب سستا اي سگريٽ صحت لاءِ خطرن جو سبب بڻجي چڪا آهن، ڇو ته اهي نوجوانن لاءِ سگريٽ ڇڪڻ ۽ نيڪوٽين ڏانهن لاڙي جو آسان طريقو آهن، اي سگريٽ ۾ اڪثر نيڪوٽين موجود هوندي آهي، جيڪو توهان کي نيڪوٽين جو عادي بڻائي ٿو ۽ نيڪوٽين توهان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
هن چيو ڇو ته اهي ڊسپوزايبل آهن، پلاسٽڪ، بيٽري ۽ سرڪٽ ماحول تي بار بڻجن ٿا، ان کان وڌيڪ اهي اهڙا خطرناڪ ڪيميڪلز پيدا ڪن ٿا، جيڪي ان وقت به موجود رهن ٿا، جڏهن ماڻهو انهن کي اڇلائي ڇڏيندا آهن.
ياد رهي ته هن سال آسٽريليا دنيا جو پهريون ملڪ بڻيو هو، جنهن اي سگريٽ، جنهن کي ويپ پڻ چيو وڃي ٿو، جي وڪري تي پابندي لڳائي هئي، هاڻي بيلجيم ان پابندي ۾ يورپ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.
وينڊن بروڪ چيو ته بيلجيئم يورپ جو پهريون ملڪ آهي، جيڪو اهو قدم کڻي رهيو آهي، اسان يورپي ڪميشن کان مطالبو ڪري رهيا آهيون ته تماڪ جي قانون کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي ۽ نون قدمن سان اڳتي وڌجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.