اڳوڻو آمريڪي صدر لاڏاڻو ڪري ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو آمريڪي صدر جمي ڪارٽر 100 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
جمي ڪارٽر ڊگهي عرصي کان بيمار هو، سندس لاڏاڻو جارجيا ۾ پنهنجي گهر تي ٿيو، جمي ڪارٽر 1977 کان 1981 تائين آمريڪا جو صدر رهيو.
جمي ڪارٽر کي امن لاءِ ڪوششن تي نوبل انعام سان پڻ نوازيو ويو هو، هن اسرائيل ۽ مصر وچ ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي ڪئي.
آمريڪي صدر جو بائيڊن جمي ڪارٽر جي لاڏاڻي تي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، اڳوڻي آمريڪي صدر جي لاڏاڻي تي پرچم جهڪايو ويو آهي، جمي ڪارٽر جي تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.