ڀارتي اداڪار جو هوٽل جي ڪمري مان لاش هٿ، جاچ شروع

ڪيرالا (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مليالم فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪار دليپ شنڪر هوٽل جي ڪمري ۾ مئل حالت ۾ مليو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، دليپ شنڪر جو لاش آچر ڏينهن ڪيڀاريا رياست ڪيرالا جي شهر ٿيرواننتاپورم جي هڪ هوٽل جي ڪمري مان هٿ آيو.
رپورٽن موجب، دليپ 19 ڊسمبر تي هوٽل ۾ چيڪ ان ڪيو هو ۽ ان عرصي دوران هڪ ڀيرو به ڪمرو ڇڏي ٻاهر نه ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دليپ شنڪر جي ساٿي اداڪارن ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن رابطو نه ٿيو ته اهي هوٽل پهتا ۽ عملي کان ڪمرو کولرائڻ لاءِ چيو، جڏهن ڪمرو کوليو ويو ته اداڪار مئل حالت ۾ مليو.
رپورٽن موجب، دليپ شنڪر هڪ ٽيليويزن سيريز جي شوٽنگ لاءِ شهر ۾ موجود هو.
شو جي ڊائريڪٽر پوليس کي ٻڌايو ته دليپ ڪنهن سنگين بيماري ۾ مبتلا هو، جيتوڻيڪ بيماري جي نوعيت معلوم نه آهي، پر اندازو آهي ته هو ان بيماري جو علاج ڪرائي رهيو هو.
پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پر ابتدائي تحقيقات موجب اداڪار جي موت ۾ ڪنهن به غير معمولي عنصر جي موجودگي جو ڪو ثبوت نه مليو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته في الحال ڪنهن به سازش يا غير فطري عملن جا نشان نٿا ڏسجن، موت جي اصل سبب جو پتو پوسٽ مارٽم کانپوءِ پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.